سر سارنگ

سر سارنگ

سر سارنگ

سر سارنگ (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪ حميد سنڌيءَ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻه ڀاڱا آهن، هن جي پهرئين ڀاڱي ۾ نامور ليکڪن جا شاهه لطيف جي سر سارنگ تي لکيل 18 مقالا، جن ۾ ’سـارنگ سـاٺ ڪجــن‘ (محمد حسـيـن ڪـاشـف)، ’ڀٽائي گھوٽ جـو سُر سارنگ جو مطالعو‘، (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، ’سر سارنگ: درست پڙهڻيون ۽ سماجي ۽ فڪري پهلو’، (تاج جويو)، ’شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾زندگيءَ جو فلسفو‘، (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ’سر سارنگ ۽ سنڌي عورت جا احساس‘، (رضيه شيخ)، ’سر سارنگ جو اهڃاڻ ۽ سنڌ جي جاگرافي‘ (ڊاڪٽر حبيب الله صديقي)، ’سر سارنگ هڪ مطالعو‘ (احسان عظيم صديقي)، ’شاهه جي سُـر سـارنگ جو تصور‘ (شفيق حسين ميمڻ)، ’سر سارنگ جا رنگ‘ (نذير ناز) ۽ ’سارنگ سار لهيج الله لڳ اڃين جي‘ (حافظ محمد بخش) جي عنوانن سان مقالا شامل آهن. هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ 6 متفرق مضمون شامل آهن، جنهن ۾ ’فرد امنڌ ڦٽي ڪئي‘، (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ’سامونڊيڪو سڱ‘ (ذاڪر کٽي)، ’سر سامونڊي سنڌ جي اقتصادي تاريخ جو ماخذ‘ (ذاڪر کٽي)، ’شاهه جي ڪلام ۾ اقتصادي فلسفو‘ (ادل سومرو)، ’سر سامونڊيءَ جو پسمنظر ۽ شاهه جا مقرر ڪيل ڪردار‘ (مخمور مهيري)، ’اڄ پڻ اتر پار ڏي‘ (نصرت حسين ابڙو) عنوانن سان مضمون شامل آهن. 293 صفحن تي مـشـتـمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، هن ڪتاب جو ملهه ڪچي جلد سان 200 روپيا ڄاڻايو ويو آهي.


لفظ سر سارنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو